پان پاڙ

پان پاڙ: هي پان جي وڻ جي پاڙ آهي، جيڪا ڳاڙهي رنگ جي ٿئي ٿي. هي معدي ۽ جگر کي طاقت ڏئي ٿي ۽ بک لڳائي ٿي، نڙي ۽ آواز کي صفا ڪري ٿي. طعام کي هضم ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي، وائي باديءَ کي وڃائي ٿي. مٿي جي سور، مرگھي ۽ مثاني جي بيمارين، پيٽ جي سور، وات جي بدبوءِ ۽ ڏندن جي سور لاءِ مفيد آهي. هيءَ گرم ۽ خشڪ ٿئي ٿي. هيءَ گرم مزاج وارن لاءِ نقصانڪار آهي هي طبيبن جو وکر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو